رئوف نظاماڻي

رئوف نظاماڻي

رئوف نظاماڻي

رئوف نظاماڻي: سنڌ جي مشهور اديب، نقاد، مترجم ۽ سماجي معاشي تجزيي نگار رئوف نظاماڻيءَ جو پورو نالو عـبـدالـرئـوف نظاماڻي آهي. هن 2 جولاءِ 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڏيپچند ٽي. آهوجا اسڪول مان ۽ مئٽرڪ حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول کڏي، ڪراچيءَ مان 1971ع ۾ پاس ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (هانرس) سان گڏ ايم. اي (اڪنامڪس: 1976ع) ڪئي. 18 سيپٽمبر 1979ع کان اسٽيٽ بئنڪ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ هن وقت گريڊ پنجين ۾ سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر آهي. رئوف نظاماڻي مئٽرڪ کانپوءِ ادبي ميدان ۾ آيو. هن تنقيد، تحقيق ۽ ترجمي ۾ پاڻ مڃايو آهي. سندس 200 کان مٿي سنڌيءَ ۾ ادبي، تنقيدي، سماجي ۽ معاشي مضمون ڇپجي چڪا آهن. هيترائي مضمون سندس انگريزيءَ ۾ توڙي اردوءَ ۾ به ڇپجي چڪا آهن. هن مختلف اخبارن ۾ هڪ وڏي وقت کان وٺي ڪالم لکيا آهن. سندس تحرير جا موضوع ادب، ثقافت، سماج، معاشيات ۽ سياست رهيا آهن. رئوف نظاماڻيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) فلسطين ۽ سامراج (1981)، (2) مصر: جدوجهد جي آخري مرحلي ۾، (3) ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون (ترجمو)، (4) گوڏن ڀر نه جهڪنداسين (ترجمو)، (5) سامراج ۽ عوام (فيڊرل ڪاستروءَ جي تقرير جو ترجمو)، (6) سرد جنگ جا 50 سال (گرميڪو جون يادگيريون: ترجمو)، (7) جديد سنڌي ڪهاڻي (تنقيد: 2003ع)، (8) ڊاڪٽر زواگو (بورس پيسٽرنڪ جي ناول جو ترجمو: هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.)


لفظ رئوف نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.07.02  عيسوي

سنڌ جي مشهور اديب، نقاد، مترجم ۽ سماجي معاشي تجزيي نگار رئوف نظاماڻيءَ جو پورو نالو عـبـدالـرئـوف نظاماڻي آهي. هن 2 جولاءِ 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
حمـيـد سـنڌي
جمال رند
الياس سيتا پوري
آسانند مامتورا
دادا سنڌي
روشن سندر چانڊيو
عابد مظهر ڊاڪٽر
ڌاريجو علي مرتضيٰ
شوڪت صديقي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون